اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيسز تيزي سان وڌڻ بعد سئنيما گهر، ٿيئٽرز ۽ مزارون فوري بند ڪرڻ جون هدايتون جاري، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جي اجلاس دوران وڏن عوامي اجتماعن تي پابندي واري سفارش تي غور، شادي هالز ۾ تقريبن لاءِ گائيڊ لائينز جاري، اين سي او سي جو چوڻ آهي ته 20 نومبر کانپوءِ شادي جي تقريبن ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت تي پابندي هوندي، ثقافتي، سياسي ۽ مذهبي تقريبن ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت تي به پابندي لاءِ صلاح مشورا، هاءِ رِسڪ وارن علائقن ۾ پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *