پي ڊي ايم ريلي

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ۾ دير تي اليڪشن ڪميشن سامهون احتجاج ڪيو.احتجاج ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، ن ليگ نائب صدر مريم نواز ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عمرڪوٽ ۾ پ پ جي ڪاميابي جو مشن ملهائڻ سبب احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيو.احتجاجي مظاهري دوران مولانا فضل الرحمان، مريم نواز ۽ ٻين اڳواڻن تقرير ڪندي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.پي ڊي ايم جي اليڪشن ڪميشن سامهون احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد انتظاميا ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا هئا.احتجاج کي ڏسندي اليڪشن ڪميشن جي عمارت سامهون رنڊڪون ۽ ڪنڊي دار تارون لڳايون ويون هيون، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي عمارت تائين رستي کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو هو.اپوزيشن جي احتجاج سبب ريڊ زون ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ هئي، ريڊ زون جي اندرين ۽ ٻاهرين رستن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته اهم عمارتن جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا واڌو دستا مقرر ڪيا ويا، گڏوگڏ گهرو وزارت ۾ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو، جتان صورتحال کي مانيٽر ڪيو ويو، سيف سٽي جي ڪئميرائن ذريعي به ريڊ زون جي مانيٽرنگ ڪئي وئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *