اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن ترجمان چيو آهي ته ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس ۾ بنا ڪنهن خوف ۽ دٻاءَ جي ميرٽ تي فيصلو ڪندي.اليڪشن ڪميشن ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي طرفان فارن فنڊنگ ڪيس تي ڪارروائي جاري آهي، اهو ڏاڍو اهم ۽ حساس ڪيس آهي ۽ ميرٽ تي فيصلو قومي مفاد ۾ آهي.ترجمان چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس تي غير ضروري ۽ بنا شاهدين جي تبصرن کان پاسو ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن ۾ اڳ ئي ان ڪيس جي ٻڌڻي ڌرين سامهون ٿي رهي آهي ۽ ٻڌڻي دوران ميڊيا ۽ ٻيون لاڳاپيل شخصيتون ۽ ادارا موجود هوندا.اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب اڪروٽني ڪميٽي جا اختيار يا عهدو هڪ جي آءِ ٽي جو آهي، تنهن ڪري ڪميٽي جي ڪارروائي عوامي سطح تي نٿي ٿي سگهي، جڏهن ته عوامي سطح تي ڪارروائي کان ڪميٽي کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي.ترجمان چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي ۾ شڪايت ڪندڙ ۽ الزام لڳائيندڙ پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪندا آهن ۽ ڪميٽي موقف جو جائزو وٺڻ کانپوءِ گڏيل سفارشون ڪميشن کي ڏيندي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کليل ٻڌڻي ۾ اهي سفارشون ٻنهي پارٽين کي فراهم ڪندي.ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن ٻنهي پاسن کان بحث ٻڌڻ کانپوءِ جلد ميرٽ تي فيصلو ڪندي ۽ ادارو خاطري ٿو ڪرائي ته بنا ڪنهن خوف يا دٻاءَ جي ميرٽ تي فيصلو ڪندو.واضح رهي ته اپوزيشن جماعتن اليڪشن ڪميشن کان تحريڪ انصاف خلاف هلندڙ فارن فنڊنگ ڪيس جي جلد فيصلي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ تازو اپوزيشن طرفان اليڪشن ڪميشن هيڊ آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو به ڪيو ويو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *