وينا ملڪ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اداڪاره ۽ هوسٽ وينا ملڪ کي اڳوڻي مڙس 50 ڪروڙ رُپين جي هرجاڻي جو نوٽيس اُماڻي ڇڏيو، اسد خٽڪ طرفان وينا ملڪ مٿان ٻن ٻارن کي غيرقانوني طور دبئي مان پاڪستان منتقل ڪرڻ جو الزام: ٽوئيٽ بيان ۾ اسد خٽڪ چيو آهي ته منهنجي خاموشي کي ڪمزوري سمجهيو ويو، هاڻي صبر جواب ڏئي ويو آهي، ڏيڍ سال گذرڻ باوجود ٻارن سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي، ٻارن جي حوالگي جي مامري تي دبئي جي عدالت منهنجي حمايت ۾ بيان ڏنو، پر وينا مَلڪ فرار ٿي وئي، وينا ملڪ اڳوڻي مڙس جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته دبئي ۾ به قانون ۽ شريعت موجب ٻارن جي سرپرستي جو حق مون وٽ آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *