راولپنڊي (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ اياز صادق جي غير ذميواراڻي بيان تي پاڪ فوج جو شديد ردعمل، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته گذريل ڏينهن ڏنل بيان ۾ پاڪستان جي تاريخ کي چِٿڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، پائليٽ اڀينندن جي آزادي کي ڪنهن ٻي شئي سان ڳنڍڻ انتهائي گمراهه ڪُن آهي، اها شئي ڪنهن به پاڪستاني لاءِ قبول جوڳي نه آهي، اڀينندن کي جنيوا ڪنوينشن تحت آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پلوامه واقعي کانپوءِ 26 جنوري تي ڀارت کي منهن ڀر ڪِرڻو پيو ۽ هو دُنيا ۾ بدنام ٿيو، راولپنڊي ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس دوران پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ دشمنن طرفان هائيبرڊ جنگ جاري آهي، اهڙي وقت ۾ سڀني کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *