سنڌ ايڪشن ڪميٽي

ڄامشورو (اپيل نيوزا) سنڌ ايڪشن ڪميٽي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف 15 نومبر تي ڪراچي ۾ ريلي بعد گورنر هائوس آڏو جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڄامشورو ۾ اجلاس بعد پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن طرفان آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس غير آئيني قرار، جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، صنعان قريشي ۽ ٻين اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جون زمينون وڪڻي ڇڏيون، هاڻي ٻيٽ ۽ ڪارونجهر کي کپائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، وسيلن تي قبضي خلاف ڪراچي ۾ ريلي ۽ جلسي دوران ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل سمورين جماعتن جا ڪارڪن شرڪت ڪندا، پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ کي سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *