ناليوارو ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ليکڪ، اردو يونيورسٽي ڪراچي جي سنڌي شعبي جو چيئرمين ۽ سگا ڪراچي جو صدر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڊينگي وائرس وگهي سول اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پهرين آگسٽ  1972ع تي خيرپور ضلعي جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ لونگ خان ڄامڙي ۾ گهر ۾ جنم ورتو، هن پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ ۽ مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي اي (آنرز) ۽ ايم اي (سنڌي) ۾ ڪيائين.هو مئي 1998ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ 2000 ۾ اسلاميا سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جنهن کانپوءِ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪئي، سندس اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ 2010ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ماهوار رسالي ”ماهه روز“ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميا ڪاليج مئگزين 2003ع جو چيف ايڊيٽر به رهي چڪو.سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا، مضمون ۽ شاعري ڇپجندي رهي آهي.ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهيو، هن ڪيترن ئي سالن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور پڻ فرض انجام ڏنا.ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي اوچتي وڇوڙي تي سنڌي ادب جي دنيا ۾ سوڳ ڇانئجي  ويو ۽ سنڌ جي اديبن توڙي شاعرن سندس اوچتي وڇوڙي کي سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *