لکي غلام شاھ نينگري 13 سالا نينگري نغمه مهر

لکي غلام شاھ (رپورٽر) لکي غلام شاھ گذريل رات جو دير سان ڳوٺ وزير آباد ۾ 13 سالا نينگري جو 40 سالا اڌڙوٽ سان نڪاح ٿيڻ جي خبر پوڻ تي ڊي ايس پي لکي عبدالواحد ٻرڙو ۽ ايس ايڇ او محمد صالح سولنگي جي اڳواڻي ۾ لکي،چڪ ۽ جهان خان ٿاڻي جي پوليس موبائلن ۾ سوار اهلڪارن ڪاروائي ڪري نينگري نغمه ڌيءُ عبدالجبار مهر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وومين سيل شڪارپور منتقل ڪيو،نينگري جي امڙ امام زادي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجو اڳوڻو مڙس منهنجي 13 سالا ڌيءُ نغمہ جي ڏوڪڙم عيوض 40 سالا اڌڙوٽ مصري مهر سان شادي ڪرائڻ چاهي ٿو خدارا وزير اعليٰ سنڌ،چيف جسٽس سنڌ هاءَ ڪورٽ،آئي جي سنڌ،ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور نوٽس وٺي منهنجي نياڻي جي شادي روڪرائي سندس زندگيءَ تباھ ٿيڻ کان بچائن هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي لکي عبدالواحد ٻرڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان نينگري جي امڙ جي فرياد تي ڳوٺ وزير آباد ۾ ڪاروائي ڪري نينگري کي پنهنجي حفاظتي تحويل ۾ وٺي وومين سيل شڪارپور منتقل ڪيو آهي جنهن کي سڀاڻي سندس بيان جي لاءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪنداسين جتان حڪم ملڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪنداسين.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *