شڪارپور: خانپور ويجهو قبيلائي تڪرار ۾5 ڄڻا مارجي ويا، 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان 3 ڄڻن جا لاش مليا آهن، 7 زخمين کي اسپتال منتقل ڪرايو آهي.رستم واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ڌرين هڪٻئي تي ڳرن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو.علائقي واسين موجب فائرنگ ۾ بخشل، ڪاڪو، حضور بخش جتوئي ۽ راونت جتوئي مارجي ويا، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.مارجي ويلن ۾ هڪ سعدخاناڻي پاڙي واسي بخش جتوئي ۽ ٻيا ڪمالاڻي پاڙي جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب فائرنگ جو سلسلو تقريبن 5 ڪلاڪن تائين جاري رهيو، علائقي واسي پوليس کي بار بار فون ڪري منٿون ڪندا رهيا ته اچي ڇڪتاڻ ختم ڪرايو پر پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي 5 ڪلاڪن کانپوءِ پهتي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *