واشنگٽن (ڊيسڪ رپورٽ) دُنيا جي سُپر پاور ملڪ امريڪا جو نئون صدر ڪير ٿيندو؟ ريپبلڪن اُميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽس اُميدوار جو بائيڊن ۾ چوٽي جو مقابلو، امريڪي صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ کانپوءِ حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري، اُميدوارن کي صدر جو عهدو ماڻڻ لاءِ 270 اليڪٽورل ووٽ گهربل، جو بائيڊن کي 238 اليڪٽورل ووٽس سان سرسي، ڊونلڊ ٽرمپ 213 ووٽ حاصل ڪري سگهيو، جو بائيڊن حتمي فيصلا اچڻ دوران خطاب ڪندي چيو آهي ته منهنجا حامي يقين رکن، ڪاميابي جي دڳ تي هلي رهيا آهيون، گهڻين رياستن ۾ ووٽ جا نتيجا اُميدن کان وڌيڪ بهتر قرار، ٽرمپ طرفان ڊيموڪريٽس تي ووٽ چوري جو الزام، پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ ٽرمپ چيو آهي ته ڊيموڪريٽس جي ووٽ چوري ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائينداسين.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *