ڪوٽڙي ۾ گدا گر، نينگري کي اغوا ڪري مبينا زيادتي جي ڪوشش جو ڪيس داخل، ايس ايس پي ڄامشورو ٽائيم نيوز جِي خبر تي نوٽيس وٺندي جوابدار  آصف سومرو خلاف ڪيس داخل ڪرايو، ايف آءِ آر موجب جوابدار 10 ورهين جي نينگري کي رڪشا تي اغوا ڪري زيادتي جي ڪوشش ڪئي.ڀٽائي ڪالوني واري علائقي جي رھواسڻ پينو فقير 10 سالا نينگري انيلا سيال سان ھڪ رڪشا ڊرائيور آصف علي سومرو پاران اغو ڪري مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي.  پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي  ۽ نينگري کي  ميڊيڪل لاء بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، نينگري جو چوڻ هو ته  رڪشا واري کي ڄامشورو ڇڏي اچڻ جو چيو ته ھن  ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *