ملير (رپورٽر) پاڪستان اسٽيل ملز جَي برطرف ملازمن جو پنهنجي  گهرڀاتين سوڌو سي اي او هائوس آڏو سخت ٿڌ ۾  ڌرڻو جاري آهي احتجاج ۾  عورتون ۽ ٻارڙا به شريڪ آهن.  ملازمن جو چوڻ آهي ته هن مهانگائي جَي دور ۾  نوڪرين مان برطرف ڪري کين  معاشي بدحالي جي ور چاڙهيو ويو آهي.  نوڪرين تان برطرف ڪيل اسٽيل ملز جي ملازمن جو چوڻ هو ته  بيروزگار ٿيڻ بعد هو ذهني اذيت جو شڪار ٿي ويا آهن پر وفاقي سرڪار جي ڪن تي جونءِ به ڪانه ٿي سري. ملازمن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته برطرفين جو فيصلو واپس وٺي سندن پريشاني  ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *