صدر جي ڀٽيون (ن پ ا) صدر جِي ڀٽيون  ويجهو  10 ورهين جي نينگري کي حوس جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جو ڪيس ٽن اڻڄاتل  جوابدارن  خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد بيدرديءَ سان قتل ڪيل نينگري مونيڪا جي والد جي فرياد تي ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو . 2 ڏينهن اڳ گم ٿيل نينگري مونيڪا لاڙڪ جو لاش ڪيلن جَي باغ مان هٿ آيو  شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري سان جنسي زيادتي جِي تصديق پڻ ٿي آهي مقتول نياڻي  جَي وارثن چيو آهي ته نياڻي  مونيڪا گهريلو ملازم هئي، گمشدگي دوران  سمجهيو ته  نينگري گهر ۾ ڪم ڪري رهي آهي.  ٻئي طرف  پوليس نينگري جَي قتل ۾ مبينا طور استعمال ٿيل تيز ڌار وارو اوزار هٿ ڪري ورتو آهي جڏهن ته  شڪ جَي بنياد تي 3 ڄڻن کي  گرفتار پڻ ڪيو ويو  آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *