خيرپور ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ مبينا هراسمينٽ جو شڪار عورت ليڪچرار ۽ الزام هيٺ آيل پروفيسر وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، عورت ليڪچرار سائره چانڊيو انگريزي شعبي جي انچارج پروفيسر ذوالفقار شاهه مٿان هراسان ڪرڻ ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ جو الزام هنيو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته سالوٽا جي نمائندن جي ٽياڪڙي سان عورت ليڪچرار ۽ پروفيسر وچ ۾ ڳالهين بعد ٺاهه ڪيو ويو، عورت ليڪچرار ۽ الزام هيٺ آيل پروفيسر ٺاهه بابت تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته سالوٽا جي اڳواڻن کي مانُ ڏيندي سمورا اختلاف ختم ڪري ڇڏيا…
