ڪراچي تعميراتي صنعت  ۾ ڪتب ايندڙ  لوهي سريو ۽ سيمنٽ مهانگا، اڏاوتي ڪم متاثر ، بلڊرن جي تنظيم آباد اگهن ۾ واڌ کي  حڪومت خلاف سازش قرار ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ٿيندڙ  سرئي  جي اگهه ۾ وڌيڪ  5000 رپين جي واڌ ٿي وئي آهي، جنهن بعد مارڪيٽ ۾ سريو  128500 رپيا في ٽن وڪرو  ٿي رهيو آهي، واضح رهي ته 15 نومبر کان سرئي جي اگهه ۾ مجموعي طور تي 15000رپين جي واڌ ٿي آهي، ٻئي طرف 2 مهينن دوران سيمنٽ جي 50 ڪلو جي ٻوري 45 رپين جي اضافي سان  625 رپين تي پهچي وئي آهي، ان ڏس ۾ سريو ٺاهيندڙ اسٽيل ملز  مالڪن جو چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ اسڪريپ ( لوهي خام مال ) جا اگهه وڌڻ ڪري سريو مهانگو ٿيو آهي، ٻئي طرف آباد جي موجوده چيئرمين فياض الياس ۽ اڳوڻي چيئرمين  حسين بخشي جو چوڻ هو ته  اسڪريپ کانسواءِ سمورا خام مال پاڪستاني آهي، صنعتڪارن پاران اگهن ۾ پاڻمرادو اضافو  اجايو آهي، انهي سان تعميراتي صنعت کي نقصان رسندو، اها وزيراعظم جي نيا پاڪستان  هائوسنگ اسڪيم خلاف سازش پڻ آهي، هنن چيو ته  ڪامپيٽيشن ڪميشن  سيمنٽ ۽ سريو مهانگو ڪندڙن خلاف قدم کڻڻ کان لاچاري ظاهر ڪري رهيو آهي، سرڪار پاڻ قدم کڻي، ٻئي طرف بيورو آف اسٽيٽڪس موجب  آگسٽ جي ڀيٽ ۾ هن وقت ڊالر 168 مان گهٽجي 160 رپين تي پهچي چڪو آهي، اهڙي صورتحال ۾ پرڏيهه مان ايندڙ لوهي خام مال پڻ سستو ٿيو هوندو، انهي ڪري سيمنٽ ۽ سرئي جي اگهه ۾ واڌ جو ڪو جواز ناهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *