سنڌ حڪومت پاران 220ايڪس پي سي ايس ڪيڊر آفيسرن تي نوازش ڪندي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ون ۽ ٽو جو امتحان لازمي قرار ڏيڻ وارو شرط ختم ڪري ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه جي منظوري بعد آفيسرن جَي امتحان لاءِ 20 جولاءِ وارو نوٽيفيڪيشن واپس ورتو ويو آهي، ڪراچي جَي اوڀر، ملير، عمر ڪوٽ، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز، مختلف کاتن جا ايڊيشنل سيڪريٽريز  ۽ ڊپٽي سيڪريٽريز اسسٽنٽ ڪليڪٽر ون ۽ ٽو جو امتحان ڏيڻ واري شرط کان آجا ٿي ويا آهن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪنٽرولر هادي بخش ڪلهوڙو، ڊي جي ثقافت عليم لاشاري، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي جو سيڪريٽري آغا شاهنواز، وڏي وزير جو ڊپٽي سيڪريٽري اسٽاف عاقب جميل شيخ به امتحان کان آجو قرارڏنا ويا آهن…..

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *