ميرپورماٿيلو  پنو عاقل ۾ ھڪ مھينو اڳ پرسرار نموني فوت ٿيل شادي شدہ ناري جي وارثن پاران مڙس، سھري ۽ ڏيرن مٿان قتل ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي، ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ قاضي لال بخش جي رھواسڻ سميرا مھينو اڳ پنو عاقل ۾ پراسرار نموني فوت ٿي هئي، ساھرن موت کي خودڪشي ڄاڻايو ھو، ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي نياڻي کي مڙس عاقب ڪلوڙ، سھرو صادق ڪلوڙ، ڏير صابق ڪلوڙ، مامي پوليس جمعدار علي محمد سان گڏجي قتل ڪيو، سميرا مٿان مڙس ۽ ڏير مسلسل تشدد ڪندا ھئا، قتل ڪري خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مھينو گذري ويو آھي دادلو پوليس ڪا مدد ڪئي، مٿان ايس ايڇ او چپ رھڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون آھن، سکر جي سيشن جج جي عدالت ۾ قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني آھي، انصاف ڪيو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *