گاجي کهاوڙ (ن اپيل) گاجي کهاوڙ جي علائقي جي مشهور سياسي شخصيت ۽ اڳوڻو پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ۽ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر سرائي گل محمد خان کهاوڙ ڪافي عرصو بيمار سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 81 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي سندس جي فوتگي سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي. سرائي گل محمد خان کهاوڙ 1983ع ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو جو ميمبر رهيو. هي مرحوم خدمت ۽ امن ڪاميٽي واره تعلقي جو صدر رهي چڪو آهي ۽ سياسي سرگرم اڳواڻ هئڻ ڪري هن کي پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر رهي چڪو آهي. هنن جو سياسي گهراڻو هئڻ ڪري گاجي کهاوڙ ۾  سرائي گل محمد خان کهاوڙ وٽ 1974ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آيو ۽ 1992ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هن وٽ گاجي کهاوڙ آئي هئي. سرائي گل  محمد خان کهاوڙ جو والد سرائي قربان علي خان کهاوڙ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو جو چيئرمين رهي چڪو. سرائي گل محمد خان کهاوڙ جو ڏاڏو سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو والد سر شاهنواز خان ڀٽو سان گڏجي سياست ڪندا هئا . سر شاهنواز خان ڀٽو جڏهن لاڙڪاڻو ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين هيو ته ان وقت سرائي گل محمد خان کهاوڙ جو ڏاڏو سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ لاڙڪاڻو ضلعي جو وائس چيئرمين هيو. جڏھن ته سرائي گل محمد خان کهاوڙ جي جنازي نماز سڀاڻي (اڄ) گاجي کهاوڙ ۾ ادا ڪئي ويندي. مرحوم پونئرن ۾ 3 پٽ ۽ هڪ نياڻي ڇڏي ويو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *