سنڌ حڪومت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر)  ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ سبب  سنڌ جي تعليم کاتي عام ماڻهن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.سنڌ جي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي تعليم کاتي ۾ هڪ ڏينهن دوران صرف 10 سائلين جي فرياد ٻڌي ويندي. تعليم کاتي سنڌ جي سمورن ملازمن کي ماسڪ لازمي پائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ تعليم کاتي جي مختلف  آفيسن ۾ صرف هڪ ملازم کي ئي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي.واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي اچي وئي آهي ۽ گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 7 هزار 21 ٿي ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *