ڪوئيٽا ڪوئيٽا جي سرياب واري علائقي ۾ ويجهو  هڪ گهر مان ٽن ٻارن جا لاش ۽ هڪ نينگري زخمي حالت ۾ هٿ ڪئي وئي.  پوليس موجب غلام رسول ڦاٽڪ ويجهو گهر مان ٽن معصوم ڀيڻ ۽ ڀائرن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن ۽ هڪ نينگري کي زخمي حالت ۾ هڪ ڪيو ويو. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا، پوليس موجب ٽنهي ٻارن کي ذبح ڪري قتل ڪيو ويو آهي. واقعي وقت گهر ۾ ٻارن جو پيءُ ماءُ  گهر ۾ موجود نه هئا. وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *