ڪنڌڪوٽ جي ون فائي مددگار ۽ اي سيڪشن پوليس ڪاروائي ڪندي 6 عورتن ۽ 4 ٻارڙن سميت 10 ڄڻا خيرات وٺندڙ گروهه کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڪنڌڪوٽ شهر ۽ مختلف محلن ۾ خيرات وٺڻ بهاني ماڻهن کي نشي وارو رومال سگهائي گروه چوري ڪرڻ لڳا ان سلسلي ۾ ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ هو ته پوليس ڪامياب ڪاروائي ڪندي خيرات بهاني ماڻهن جون چوريون ڪندڙ گروه کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان هٿ ڪيو ويو آهي ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ذوالفقار ڪمپيوٽر سينٽر جي مالڪ الطاف نصيراڻي ۽ سيلون مان ضمير چنو کي خيرات وٺڻ بهاني نشي وارو رومال سگهائي بيهوش ڪري 2 موبائيل فونون چوري ڪيون ويون جيڪي گروه کان واپس ڪيون ويون آهن ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته مختلف هنڌن تي ٿيل چوري جي وارداتن ۾ گروه ملوث ٿي سگهي ٿو وڌيڪ جاچ جاري آهي،

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *