جوابدار عدالت ۾ پيش

ڪشمور (ن ا) ڪشمور ۾ لڳ انسانيت سوز واقعو، ڳوٺ خاوند بخش ملڪ ۾ ڪراچي مان نوڪري جي بهاني گهرايل عورت جي معصوم ڌيءُ سان زيادتي جو انڪشاف، 4 سالن جي نينگري زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل، ڊاڪٽرز نينگري سان جنسي زيادتي ۽ تشدد جي تصديق ڪري ڇڏي، الزام هيٺ آيل جوابدار رفيق ملڪ گرفتار، نينگري جي والده مسمات تبسم چيو آهي ته جوابدار نوڪري ڏيارڻ جي بهاني ڪراچي مان ڪشمور وٺي آيو، جنهن بعد مون کي ڌيءُ سوڌو 30 هزار رُپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو، جوابدار ڌيءُ کي قيدي ڪرڻ بعد ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آهي، انصاف ڪيو وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کان پُڇاڳاڇا جاري آهي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *