ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمنٽ (سي ٽي ڊي) جي دهشتگردن سان مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ 5 کي گرفتار ڪيو ويو.سي ٽي ڊي جي انچارج راجا عمر خطاب ٻڌايو ته شاهه لطيف ٽائون جي هڪ عمارت ۾ دهشتگرد موجود هئا، ڳجهي اطلاع تي دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.هن ٻڌايو ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو جڏهن ته 5 کي گرفتار ڪيو ويو.سندس چوڻ هو ته دهشتگردن هڪ رڪشا عمارت جي گيٽ جي آڏو بيهاري رکيو هو جنهن جي ڳجهن خانن ۾ بارودي مواد لڳل هو ۽ دهشتگرد مڪمل طور تي ڪارروائي جي لاءِ تيار هئا. راجا عمر خطاب جو چوڻ هو ته نيڪٽا طرفان ڪجهه عرصو اڳ الرٽ جاري ڪيو ويو هو، ۽ اسان ڪافي عرصي کان عمارت جي سرويلنس ڪري رهيا هئاسين، پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ۽ دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب دهشتگردن وٽان 8 آپگهاتي جيڪٽ، 15 دستي بم، 4ڪلاشنڪوف، ڪيتريون ئي گوليون ۽ ٻه راڪي به هٿ ٿيا آهن جن جي فارنزڪ ڪرائي ويندي.اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي استعمال هيٺ عمارت کي ڪليئر ڪيو ويو آهي جڏهن ته رڪشا ۾ موجود ڌماڪيدار مادي کي ناڪارا بڻايو ويو آهي، رڪشي ۾ بال بيئرنگ ۽ نٽ بولٽس کي مختلف خانن ۾ لڪايو ويو هو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *