ڪراچي مان رتيديري واسي عورت ۽ مرد جا ڳلا ڪپيل لاش هٿ آيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن کي ڪارو ڪري قتل ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي خير آباد واري علائقي ۾ امن چوڪ وٽان عورت ۽ مرد جا ڳلا ڪپيل لاش هٿ آيا آهن، جن کي پوليس اسپتال پهچايو آهي. پوليس موجب لاشن جي سڃاڻپ رتيديري واسي عورت در بيبي بلوچ ۽ مختيار بلوچ طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي مقتولن کي غيرت جي نالي تي تيز ڌار واري اوزار سان قتل ڪري سندن لاش اڇليا ويا آهن. پوليس موجب واقعي ۾ مقتول عورت جا 4 ڀائر ملوث آهن، جن کي پهرين مرد ۽ پوءِ پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بعد 4 ئي جوابدار فرار ٿي ويا آهن، جن جي گهر وارين کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *