ڪراچي جَي علائقي اورنگي نمبر 5 ۾ رينجرز جِي گاڏي ڀرسان ڌماڪو ۾ ٺارو شاهه واسي رينجرز اهلڪار روشن علي سولنگي شهيد، ٻن رينجرز اهلڪارن ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب بم موٽرسائيڪل ۾ نصب ٿيل هو، لڳي ٿو ته ريموٽ ڪنٽرول سان ڌماڪو ڪيو ويو، ڌماڪي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به سامهون اچي ويا، فٽيجز ۾ رينجرز جِي گاڏي وٽ ڌماڪو ٿيندي ڏسي سگهجَي ٿو، گورنر سنڌ نوٽيس ورتو، اَيڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ، آءِ جِي سنڌ ورِي ايس ايس پي اولهه کان رپورٽ گهري ورتي