ڊکڻ لڳ بڊو ۾ جوابدار نشي ۾ چاڪن جا وار ڪري ٽن ڀائرن زاهد، خالد ۽ اربيلو لولائي ۽ عورت سائره  کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي خالد لولائي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته جوابدار نذير عرف ڳاڙهو لولائي کي بڊو پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل رات ننڊ ۾ جوابدار نذير پنهجي ٽن ڀائرن ۽ پنهنجي گهرواري تي چاڪن جا وار ڪيا، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، سندس جو ذهني توازن درست نٿو لڳي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *