خيرپور پ پ ايڇ آءِ ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويو لاءِ پهتل اميدوارن مٿان سيڪيورٽي گارڊز پاران تشدد ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، اميدوارن جو چوڻ آهي ته نائين وڳي جو ٽائيم ڏنو ويو هو هاڻي وري 12 وڳي ٽيسٽ لاءِ چيو پيو وڃي، اهڙي عمل خلاف آواز اٿارڻ تي سيڪيورٽي گارڊز پاران تشدد ڪيو ويو، احتجاجي اميدوارن چيو آهي انٽرويو ٽيسٽ لاءِ گهرائي تذليل ڪئي پئي وڃي، نوٽيس وٺي گارڊز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *