پنوعاقل

پنوعاقل (رپورٽر) پنوعاقل ۾ ھمراهه شادي جي شوق ۾ ڌاڙيلن وٽ پھچي ويو، پوليس عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيندڙ نوجوان کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بچائي ورتو، ھٿياربند فرار.ڪوٽڏيجي واسي نوجوان سرمد ڀٽي عورتاڻي آواز تي ھرکجي پنوعاقل جي سڌوجا واري ڪچي ۾ پھتو، جتي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ اچي ويو، سڌوجا پوليس ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪري نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.ان سلسلي ۾ اغوا کان بچي ويل نوجوان سرمد ڀٽي ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽن مھينن کان ھڪ عورت  مون سان رابطي ۾ ھئي، جنھن چيو ته اچ مون سان ملڻ پاڻ شادي ڪنداسين، محبوبه سان ملڻ لاءِ ڪوٽڏيجي کان سکر پھتس سکر کان پنوعاقل آيس، جتي ھڪ موٽرسائيڪل سوار آيو، جنھن سان ويٺس خبر تڏھن پئي جڏھن ڪچي طرف وٺيو پئي ويو، اوچتو ڪمند مان ماڻھو نڪتا، ڌاڙيلن ڪمند جي فصل ۾ ويھاري ڇڏيو، رڙين تي ڳوٺاڻا نڪتا ۽ پوليس به پھتي، ھٿياربند پوليس کي ڏسي مون کي ڇڏي فرار ٿي ويا.ھوڏانھن ايس ايڇ او سڌوجا خليل احمد سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳجھو اطلاع مليو ته ڪمند جي فصل ۾ ڪو ماڻھو آھي، جيڪو رڙيون پيو ڪري، اسان جي پھچڻ شرط ئي ھٿياربند اغوا ڪيل نوجوان کي ڇڏي فرار ٿي ويا، نوجوان کي عورتاڻي آواز تي تيغاڻي گروپ جي ڏوھارين جي ٽولي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.ايس ايس پي سکر عرفان سمون موجب سڌوجا واري ڪچي جي ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيڻ کان بچي ويل نوجوان سرمد ڀٽي جي وارثن کي گھرايو آھي، نوجوان انھن حوالي ٿيندو، نوجوان کي عورتاڻي آواز بھاني خيرپور کان پنوعاقل ۾ گھرايو ويو ھو، جنھن کي ڪچي ڏانھن منتقل ڪيو پئي ويو ته پوليس بروقت ڪارروائي ڏيکاري، تيغاڻين واري ٽولي خلاف آپريشن بند نه ٿيندو، امن امان ھر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو.پنوعاقل

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *