لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن لاءِ سڀني ٽيمن برقرار رکيل رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو.پي ايس ايل 6 جي شروعات 20 فيبروري کان ٿيندي ۽ ليگ لاءِ ڊرافٽنگ جي عمل کان اڳ ئي سڀني ٽيمن پنهنجي برقرار رکيل ۽ رليز ڪيل رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ليگ جي ڇهين ايڊيشن لاءِ ڊرافٽنگ سڀاڻي لاهور ۾ ٿيندي ۽ ري ٽينشنز جي فهرست فرنچائزن توڙي پي سي بي طرفان جاري ڪئي وئي آهي.دفاعي چيمپيئن ڪراچي ڪنگز پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ بابر اعظم، محمد عامر ۽ ڪولن انگرام کي برقرار رکيو آهي، جڏهن ته ڊائمنڊ ۾ ڪپتان عماد وسيم، گولڊ ۾ عامر يامين، شرجيل خان، سلور ۾ وقاص مقصود ۽ ايمرجنگ ۾ ارشد اقبال کي ري ٽين ڪيو آهي. لاهور قلندرز پلاٽينم ۾ محمد حفيظ، شاهين آفريدي، ڊائمنڊ ۾ فخر زمان، ڊيوڊ ويسا، حارث رئوف، گولڊ ۾ بين ڊنڪ ۽ دلبر حسين، جڏهن ته ڪپتان سهيل اختر کي سلور ڪيٽيگري ۾ ئي برقرار رکيو آهي. ملتان سلطانز جي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ شاهد آفريدي ۽ رائلي روسو شامل آهن، ڊائمنڊ ۾ سهيل تنوير، عمران طاهر ۽ خوشدل شاهه کي جاءِ ملي آهي، جڏهن ته جيمز ونس، شان مسعود ۽ عثمان قادر کي گولڊ ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي. پشاور زلمي 5 رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو آهي، جن ۾ پلاٽينم ۾ وهاب رياض ۽ شعيب ملڪ، ڊائمنڊ ۾ ڪامران اڪمل، گولڊ ۾ ليام ليونگسٽن ۽ حيدر علي شامل آهن. ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ ڪپتان سرفراز احمد، ڊائمنڊ ۾ بين ڪٽنگ، محمد حسنين ۽ محمد نواز، گولڊ ۾ اعظم خان ۽ نسيم شاهه، جڏهن ته سلور ۾ زاهد محمود ۽ انور علي کي برقرار رکيو آهي. اسلام آباد يونائيٽيڊ پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ شاداب خان، ايليڪس هيلز، ڊائمنڊ ۾ ڪولن منرو، فهيم اشرف، گولڊ ۾ حسين طلعت، آصف علي، جڏهن ته سلور ۾ موسيٰ خان ۽ ظفر گوهر کي رکيو آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڊرافٽنگ جي عمل کان اڳ ڪراچي ۽ اسلام آباد جي ٽيمن وچ ۾ واحد ٽريڊ ٿي آهي، جنهن ۾ ايليڪس هيلز اسلام آباد ۽ ڪولن انگرام ڪراچي ڪنگز ۾ هليو ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *