راولپنڊي مولانا فضل الرحمان بند گهٽي ۾ وڃي رهيو آهي، کيس ڪجهه به هٿ نه ايندو ۽ هٿ مليندو رهجي ويندو، هر هر مولانا فضل الرحمان کي آگاهه ڪري رهيو آهيان، پوءِ ائين نه چوي ته  ڪنهن به نه ٻڌايو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته لاهور واسي جلسي ۽ اسلام آباد واري احتجاج کانپوءِ پي ڊي ايم جي پوزيشن ڪمزور ٿي وئي، ننڍي چونڊ، سينيٽ اليڪشن ۽ استعيفائن جون ڳالهيون ختم ٿي ويون، پي ڊي ايم هاڻي لانگ مارچ تي به سوچي ته جيئن ٿورو گهڻو پردو رهجي وڃي، آئون نٿو چاهيان ته پي ڊي ايم وارا عوام آڏو وڌيڪ وائکا ٿي وڃن، عمران خان پنج سال پورا ڪندو ۽ اپوزيشن کي ڪجهه به نه ملندو، راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب دوران شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن سئو ڀيرا بي اعتمادي جي رٿ آڻي، سينيٽ اليڪشن ۽ صدارتي چونڊن جا مثال سڀني جي اڳيان آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *