ڪراچي  هيڊ ماسترن کي احتجاج جو حق آهي، اِن جو مطلب اِهو نه آهي ته ٻئي هنڌ وڃي مسئلا پيدا ڪريو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هيڊ ماسترن جو احترام ڪريون ٿا، پر احتجاج ڪندڙ هيڊ ماستر نه ڪميشن جي امتحان ۾ ويهن ٿا ۽ نه ئي ڊيوٽي تي وڃي رهيا آهن، اسان هيڊ ماسترن جا مسئلا حل ڪرڻ گهرون ٿا، هو امتحان ڏيندا ته انشاءَ الله پاس ٿي ويندا، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي هاءِ ڪورٽس اهو حڪم ناهي ڏنو ته هيڊ ماسترن کي پڪو ڪريو، عدالت چيو آهي ته هيڊ ماسترن جي مقرري ڪميشن جي امتحان سان ٿي سگهي ٿي، آءِ بي اي ڪميشن جو متبادل نٿو ٿي سگهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *