ڪراچي  هاڻي ايم پي ايز پاڻ ڪتا مار مهم جي نگراني ڪندا، سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ سمورن ميمبرز کي ڪُتا مار مهم جي نگراني لاءِ هدايتنامو جاري ڪري ڇڏيو، ميمبرز کي عدالتي حڪم تحت ڪتا مهم جي ذاتي طور نگراني ڪرڻ جي هدايت، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي به مهم ۾ سهڪار جي هدايت ڪئي وئي، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل به آءِ جي سنڌ سوڌو سمورن واڳيل کاتن کي آگاهه ڪري ڇڏيو، اپوزيشن فنڊز نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڪتا مار مهم جي نگراني کان انڪار ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته اسان وٽ فنڊز نه آهن جو ڪتا مار مهم جي نگراني ڪري سگهون، اپوزيشن بدران حڪومتي ميمبرز تي نگراني جي ذميواري رکڻ گهرجي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *