دادو نوشهروفيروز واسي 9 ورهين جو نينگر آصف علي کي موٽروي پوليس جوهي مان هٿ ڪري ورتو. موٽروي پوليس آفيسر فدا الله شاهه ۽ اهلڪار غلام عباس ۽ عبدالجبار نينگر جي پيءُ سان رابطو ڪري کين نينگر بابت آگاهه ڪيو. ڊي ايس پي قمر زمان ۽ آپريشنل انسپيڪٽر سلمان جي نگراني ۾ نينگر کي وارثن حوالي ڪيو ويو.نينگر جي والد عاشق علي پٽ جي ملڻ بعد موٽر وي پوليس جا ٿورا مڃيا.