ننگرپارڪر جي قديمي جين ڌرم مندر جون تاريخي 6 مورتيون ننگرپارڪر جي ميوزيم ۾ رکڻ بدران آرڪيالاجي کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيون، ننگرپارڪر شهر جي جين ڌرم مندر جي انڊومنٽ فنڊ طرفان مرمت دوران 6 تاريخي جين مت وارن جون مورتيون کوٽائي دوران ظاهر ٿيون هيون جنهن ۾ هڪ سنگ مرمر ۽ 5 گولڊن پٿر جون مورتيون شامل هيون. ڊائريڪٽر جنرل سياحت کاتي منظور ڪناسري جي جاري ڪيل ليٽر تي ننگرپارڪر ، ڀوڏيسر ۽ ويراواهه جا مندر آثار قديمه جي کاتي حوالي ڪيا، اڄ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سنڌو چانڊيو 6 مورتيون پاڻ سان گڏ کڻي وئي. موقف اختيار ڪيو ويو ته ننگرپارڪر ۾ ڪوبه ميوزيم ناهي. ننگرپارڪر جي ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته جين مت جا قديمي مندر ننگرپارڪر کان سواء ڪٿي به موجود ناهن ان ڪري هيريٽيج هتي رکيو وڃي ته جيئن مندر ڏسڻ لاء ايندڙ تاريخ بابت ڄاڻ حاصل ڪن.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *