نئين دهلي “مڙس جن نظر اچي ٿو” عورت طلاق لاءِ عدالت پهچي وئي،انوکو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي گوالير فيملي ڪورٽ ۾ هڪ عورت انوکو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهتي، عورت درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته مڙس ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ جن اچي ويو ۽ پوءِ مون کي خوف لڳندو آهي،درخواستگذار جو چوڻ هو ته شڪ آهي ته جن مون کي قتل ڪري ڇڏيندو انڪري مڙس سان گڏ رهڻ نٿي چاهيان، طلاق وٺرائي ڏنو وڃي. ميڊيا جي رپورٽ موجب جوڙي جي شادي 2018 ۾ ٿي هئي، زال پاران جڏهن مڙس کي اهڙي ڳالهه ٻڌائي وئي ته ٻنهي ۾ جهيڙا ٿيڻ لڳا اهن. ڄاڻايل عورت طلاق جي درخواست سان گڏ مڙس کان ڏنڊ به گهريو آهي ۽ ان حوالي سان هن هڪ ٻي درخواست به جمع ڪرائي آهي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي آهي.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *