مٽياري: مٽياري ڀرسان قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي گاڏي ڪلٽي پئي، نتيجي ۾ 6 اهلڪار اجل جو شڪار ٿي ويا،  جڏهن ته 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.  قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي 49 ريجمينٽ ڊي جي ڪمپني سانگي گوادر سي پيڪ پراجيڪٽ کان حيدرآباد وڃي رهي هئي ته مٽياري ٿاڻي جي حد ڇنڊڻ موري گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، حادثي بعد  ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي مٽياري ريسڪيو ٽيمون وٺي حادثي واري هنڌ پهچي ويا هئا، جنهن بعد زخمي ۽ فوتين کي ايمبولينس ذريعي سي ايم ايڇ اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ ڪجهه زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو، جتي زخمن جا سور نه سهي چار جوان سي ايم ايڇ ۽ ٻه جوان سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويا. اجل شڪار ٿيل جوانن ۾ مطيع، حمزا، خرم، طارق، عباس، نبي ﷲ شامل آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *