ملير  اسٽيل مل مان پورهيتن جي نيڪالي بعد لوھ چوري جي وارداتن ۾ تيزي اچي وئي، مل جي آفيسرن ۽ سيڪيورٽي جي ملي ڀڳت سان رات جي وقت گيٽ نمبر 9 تان لوھ چورن جا  ٽي گڏھ گاڏا پورهيتن پڪڙي ورتا،لوھ چور فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيل مل جي سيڪيورٽي سخت ٿيڻ بعد مل جي 45 سالن جي تاريخ ۾  بن قاسم کان اسٽيل مل تائين ريل جي پٽڙي به چوري ٿي وئي، پورٽ قاسم بندر کان اسٽيل مل تائين ڪوئلي جي ترسيل لاءِ قائم ٿيل ڪنويٽر بيلٽ جا رولر به چوري ٿي ويا ۽ مل مان هاءِ ٽينشن ڪيبل به چوري ٿيڻ لڳي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *