ڪراچي  الميو آهي جو مفت ڪيمپ تي علاج لاءِ ويل غريب ماڻهن جو اڳيون نور چَٽ ٿي ويو، قمبر ضلعي جي مختلف علائقن ۾ اکين جي مفت علاج لاءِ لڳايل ڪيمپس جي ڪلور خلاف شهرين ۾ تاءُ پکڙيل، گاجي کهاوڙ ۽ لعلو رائنڪ ۾ 50 کان وڌيڪ مريض مفت ڪيمپ تي علاج سبب خراب ٿيل اکين جو علاج ڪرائڻ لاءِ پريشان، شهرين جو چوڻ آهي ته اکين جي مفت علاج جي نالي تي غريب ماڻهن سان ڪلور ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرز جي نااهلي جو نوٽيس وٺي طبي ڪيمپ جي انتظامي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو، قمبر ضلعي جي انتظاميا ۽ صحت کاتو اکين جي مفت علاج وارين ڪيمپس ۾ ڳوٺاڻن سان ٿيل ڪلور تي خاموش آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *