(شوبز نيوز) مشهور ڀارتي اداڪارا پراچي ڊيسائي کي ممبئي ايئرپورٽ تي وهيل چيئر تي ڏسي سندس پرستار پريشان ٿي ويا آهن. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته پراچي ڊيسائي ممبئي ايئرپورٽ تي وهيل چيئر تي ويهي جهاز ڏانهن وڃي رهي آهي. ڪيميرا کي ڏسندي پراچي مسڪرائيندي هٿ به لوڏيو ۽ وهيل چيئر تي ويٺي پوز به ڏنا. ان موقعي تي ان جي هڪ ڄنگھه تي ٻڌل پٽي کي به ڏسي سگھجي ٿو پر اڃا تائين خبر ناهي پئجي سگھي ته ساڻس ڪهڙو حادثو ٿيوآهي؟ واضح رهي ته ڊرامن کان ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ اداڪاره پهريون ڀيرو فلم راڪ آن ۾ ڪم ڪيو هو جنهن کانپوءِ هوءَ ونس اپ آن ا ٽائيم ان ممبئي ۽ بول بچن جهڙين فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *