مدئجي ويجهو دڙو بس اسٽاپ ڀرسان مين سکر لاڙڪاڻو روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ معصوم نينگري سوڌس3 ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب حادثي ۾ فوتي ٿي ويلن جي سڃاڻپ ڳوٺ الله بخش جلباڻي واسي نينگري شبانا جلباڻي، سليمان جلباڻي ۽ محمد جان طور ٿي، جڏهن ته ولي جان جلباڻي سخت زخمي آهي، فوت ٿيل پنهنجي والد علي جان جلباڻي سان ملاقات لاءِ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو آهي.