لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي شهر جي رائيس ڪئنال آبڙو واهه ۽ گهاڙ واهه جي ٻنهي ڪپرن تي رهائش اختيار ڪري ويٺل رهواسين جا گهر امڪاني طور ڊاهڻ واري عملي خلاف شهر جي لاهوري ريگيوليٽر وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ شهرين کي ڪفن پاتل هئا. ڌرڻي سبب ٻن ڪلاڪن تائين ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ جام ٿي وئي. ان موقعي تي گهر بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن محمد قاسم چانڊيو، ڊاڪٽر ذولفقار چانڊيو، قادر اهير، لعل جان لاشاري، محمد مٺل جوڻيجو، سليم ميراڻي، نعيم ميمڻ، ناياب سرڪش سنڌي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر مان گذرندڙ رائيس ڪئنال، گهاڙ واهه ۽ آبڙو واهه جي ٻنهي ڪپرن سان تقريبن 50 ايڪڙ ايراضي تي اسان جا 10 هزار کان مٿي گهر ٺهيل آهن، اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر کي اپيل ٿا ڪريون ته فيصلي تي نظرثاني ڪري اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت کان پڻ گهر ٿا ڪريون ته سنڌ ڪچي آبادي تحت 1997ع کان اڳ جي رهواسين کي ڪچي آبادي طور تسليم ڪري گهرن جا مالڪاڻا حق ڏئي انصاف ڪيو وڃي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *