ڪراچي: سکر پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل شاگرد عرفان جتوئي جي وارثن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺن لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس سنڌ سائيڪورٽ کي به نوٽيس وٺن جي اپيل ڪئي وئي آهي. عرفان جتوئي جي ڀاءُ غلام نبي جتوئي پاران لکيل خط ۾ ڄانايو ويو آهي ته منهنجي ڀاءُ کي سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل مان کنڀيو ويو. پوليس پاران کيس ڇڏڻ عيوض 50 لک رپيا گهريا ويا. پيسن گهرڻ جا ثبوت پڻ موجود آهن، بعد ۾ سکر پوليس جعلي مقابلي ۾ عرفان کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي ۾ ڊي ايس پي چامشورو ۽ ايس ايس پي سکر عرفان سمون ذميوار آهن. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس واقعي جو ڪيس به داخل نه پئي ڪري، خط ۾ چيف جسٽس کان انصاف جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *