ڪوٽڙي  سيوهڻ جي مدرسي مان  نينگر جو لاش ملڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي،  ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار پنجن ڄڻن مان هڪ جوابدار نينگر کي قتل ڪرڻ جو  اعتراف ڪري ورتو، پوليس موجب پنج ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ايس ايس پي ڄامشورو معاملي  جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي به جوڙي ڇڏي آهي، گذريل ڏينهن سيوهڻ جي مدرسي مان صحافي جي پٽ جو لاش مليو هو، نينگر جي والد جو چوڻ هو ته منهنجي پٽ کي زيادتي بعد قتل ڪري اڇلايو ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *