سکر سنڌ ۾ ڪُتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن تي عدالت جو غير معمولي حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر رتوديرو ۽ ڄامشورو جي ايم پي ايز کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئچ طرفان ڪُتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن بابت درخواستن تي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، ڄامشورو ۾ ايم پي اي گيانچند ايسراڻي جي تڪ تي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪُتن جي ڏاڙهڻ جو واقعو پيش آيو هو، واقعي ۾ معصوم ٻارڙي ايمان سهتو حياتي وڃائي ويٺي هئي، پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر جي تڪ وارث ڏنو ماڇي ۾ به ڪجهه ڏينهن اڳ ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب ٻارڙيءَ جي اک متاثر ٿي هئي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم جي باوجود ڪتا مار مهم جي نگراني نه ڪرڻ ۽ ٻارڙن جي ڪتن ڏاڙهڻ جا واقعا پيش اچڻ تي ميمبر شپ معطل ڪئي وئي، صوبائي اليڪشن ڪميشن معطلي جا آرڊر جاري ڪري ۽ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري کان به عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪئي وئي آهي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به عدالتي حڪم باوجود نگراني نه ڪئي وئي ته انهن جي به ميمبر شپ معطل ڪئي ويندي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *