ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ جَي ايس ٽي، پي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي جِي ڇنڊڇاڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ نوشهروفيروز ضلعي ۾ 7 جنوري تي استادن جِي اسڪروٽني ڪئي ويندي. اسڪروٽني ڪميٽي جو چيئرمين ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري پرائمري ڇنڊڇاڻ ڪندا. تعليم کاتي ۾ ملازمن جِي ميڊيڪل الائونس، پگھارن ۽ ٻين مدن ۾ جعلي بِلز جِي روڪٿام لاءِ بار ڪوڊ لازمي قرار ڏنو ويو. تعليم کاتي سرڪلر جاري ڪندي چيو آهي ته هاڻي بار ڪوڊ کان بغير بِلن جي ادائگي نه ڪئي ويندي