حيدرآباد   سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ حددخلين خلاف داخل ڌار ڌار درخواستن تي ٻڌڻي دوران نيب، ڊپٽي ڪمشنر، حيسڪو چيف، ريجنل ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ايڇ ايم سي جو ميونسپل ڪمشنر ۽ لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا، درخواست گذار جو وڪيل چيو ته  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي،  ايڇ ايم سي، واسا ۽ ٽي ايم اي قاسم آباد مختلف ٽئڪس جي مد ۾ بيٽرمينٽ فنڊ جي نالي تي 100 سئو ملين کان وڌيڪ رقم ورتي آهي، اها رقم خرچ ناهي ڪئي وئي، ان موقعي تي عدالت عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان اها رقم ڪٿي خرچ ڪئي آهي؟، عملدارن ڪو خاطر خواهه جواب نه ڏئي سگهيا، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، وڪيلن جي تجويز  ڏني ته حيسڪو وٽ فنڊ ناهن ان ڪري بيٽرمينٽ فنڊ انهن کي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن حيسڪو بجلي جا پول رستن تان هٽائي سگهي، ڊي سي عدالت کي آگاهي ڏني ته حيسڪو خوشحال ادارو آهي 50 سالن جا پول حيسڪو پاڻ هٽائي، عدالت جو حڪم ڏنو ته نيب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ايڇ ايم سي خلاف فنڊن توڙي بيٽر مينٽ فنڊ جي مد ۾ مليل رقم ۾ خرد برد جي جاچ شروع ڪري.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *