ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ سموريون درگاهون کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب ڪورونا سبب بند  درگاهن کي سڀاڻي کان زائرين جي لاءِ ايس او پيز تحت کوليو ويندو. قلندر جي مزار جي صفائي سٿرائي جو ڪم به جاري آهي ۽ سڀاڻي کان قلندر جي نگري سيوهڻ شريف ۾ ٻيهر قلندري ڌمالن جا آواز  گونجڻ لڳندا. اوقاف کاتي جي وزير جي هدايتن تي اوقاف کاتي قلندر  لعل شهباز جي مزار کي زائرين لاءِ کولڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

اوقاف کاتي موجب زائرين لاءِ فيس ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته قلندر جي مزار تي واڪ ٿرو سينيٽائزر گيٽ به لڳايا ويندا جتان کان زائرين کي گذرڻو پوندو. قلندر جي مزار تي زائرين لاءِ سماجي وٿي رکڻ به لازمي هوندي جنهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ 100 پوليس اهلڪار ۽ 25 ليڊيز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته سنڌ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسن کي نظر ۾ رکندي سڄي صوبي جي درگاهن ۽ مزارن کي نومبر ۾ زائرين جي لاءِ بند ڪيو ويو هو. چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف موجب سنڌ ۾ 78 مزارن کي زائرين جي لاءِ بند ڪيو ويو هو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *