ڪراچي سنڌ حڪومت پاران آبپاشي کاتي جي 82507 ملڪيتن تان 3 مهينن اندر حددخليون ختم ڪرڻ جو فيصلو، بئراجن، ڪئنالن ۽ ٻين ملڪيتن تان قبضو ختم ڪرڻ لاءِ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر جي سربراهي ۾ آبپاشي، فاريسٽ ۽ ڪچي آبادي وارن کاتن جي سيڪريٽرين تي ٻڌل ڪاميٽي پڻ قائم، ان حوالي سان آبپاشي کاتي جي ملڪيتن، ڪئنالن جي بندن، هيڊ ورڪس ۽ نيڪال واري نظام تان حددخلين جي خاتمي لاءِ رٿابندي جوڙڻ لاءِ وزيراعليٰ مراد شاهه جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آبپاشي وزير سهيل انور سيال، قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر قاضي شاهد پرويز ۽ ٻين شرڪت ڪئي. لاڳاپيل اختيارين اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آبپاشي کاتي جي انفراسٽرڪچر ۾ 3 بئراج، 14 ڪئنال، 109 برانچ ڪئنال، 509 ڊسٽريبيوٽريز ۽ 902 مائنرز شامل آهن، دريائي بندن جي ڊيگهه 845 ميل ۽ نيڪال واري نيٽ ورڪ جي ڊيگهه 837 ميلن تائين آهي، سکر بئراج ڪمانڊ ايريا ۾ 361 نيڪالي جا نالا آهن، جن جي ديگهه 1909 ميل آهي. ڪوٽڙي بئراج ڪمانڊ ايريا 2030 ميل ڊگهو ۽ 361 نيڪال جي نالن تي ٻڌل آهي. سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ۾ ايل بي او ڊي جا 110 نيڪال جا نالا آهن جيڪي 968 ميل ايراضي تي پکڙيل آهن. گڊو بئراج ڪمانڊ وٽ گهوٽڪي فيڊر جي علائقي تائين 5 نالا آهن، جن جي ڊيگهه 4970 ميل آهي، اڏاوت هيٺ آيل آر بي او ڊي -II جي ڊيگهه 170 ميل آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 50 ڪلوميٽرن تي پکڙيل ڪينجهر ڍنڍ، 100 ڪلوميٽر ن واري منڇر ڍنڍ ۽ 98 ڪلوميٽرن واري چوٽياريون ڊيم (ڍنڍ) جا انتظام وڻ آبپاشي کاتي وٽ آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 121201 حددخليون هيون، جن مان 38634 حدخليون هٽايون ويون آهن هن وقت 82507 حددخليون برقرار آهن، جنهن تي وڏي وزير پاران لاڳاپيل کاتن جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته حددخليون ختم ڪرڻ لاءِ جلد تجويزون پيش ڪيون وڃن. انهن تجويزن لاءِ وڏي وزير پاران قاضي شاهد پرويز جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪاميٽي ٺاهي وئي، وڏي وزير ڪاميٽي کي هدايت ڪئي ته حددخليون هٽائڻ لاءِ جلد تجويزون پيش ڪيون وڃن ته جيئن آپريشن شروع ڪري سگھجي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *