ڪراچي سنڌ جَي مختلف شهرن ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن تيز، جيڪب آباد ۾ انتظاميا غير قانوني قرار ڏنل عمارتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، پريس ڪلب جي عمارت به زد ۾ اچي وئي، مٽياري ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ٽئين ڏينهن به آپريشن، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ڪيو ويو: حيدرآباد جَي قاسم آباد واري علائقي ۾ 15 فيبروري کان 19 فيبروري تائين لاڳيتو آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي.