سنڌ ۾ حادثا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ خوفناڪ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 7 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، نوري آباد ويجهو موٽر وي تي جوکيا موڙ وٽ ٺري مير واهه ويندڙ مسافر وين جو ٽرالر سان ٽڪر سبب ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا 10زخمي ٿي پيا، ٻئي پاسي ڪنڊيارو لڳ قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، عورت ۽ ٻارڙو فوت، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، قاضي احمد ڀرسان قومي شاهراهه تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ جَي نتيجي ۾ پيرسن اميد علي دم ڏئي ڇڏيو، عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مورو- دادو روڊ تي ڪار سان ٽڪرائجڻ بعد موٽر سائيڪل سوار نوجوان غلام قادر جتوئي تي ٽرالر چڙهي ويو، نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *